اداڪاره پشپا مالهي

اداڪاره پشپا مالهي

پشپا مالهي

پشپا مالهي: سنڌ ۽ هند جي ناليواري اديب گوبند مالهيءَ جي نياڻي مشهـور اداڪاره پشپا مالهي، هندي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ناٽـڪـن ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي. سندس مشهـور ناٽـڪـن ۾ ’هـيءُ ڇـا ٿيـو‘، ’يوريڪا‘، ’ناتو‘، ’مارئي‘ وغيره شامل آهن. ’مارئي‘ ڊرامي، دور درشن تي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هن کي بهترين اداڪاريءَ عيوض 1978ع ۾ مهاراشٽر راجيه جي هندي ناٽڪ چٽا ڀيٽيءَ ۾ انٽر بئنڪ سنڌي ناٽڪ چٽا ڀيٽيءَ ۾، 1979ع ۾ رِزرو بئنڪ ۽ سنڌي سڀا پاران پيش ڪيل ناٽڪ ”يوريڪا“ ۾ بهترين اداڪاريءَ عيوض انعام حاصل ٿيا. هن آل انڊيا ريڊيو ۽ دور درشن تي ڪيترن ناٽڪن ۾ حصو وٺي، پاڻ کي بهترين اداڪار طور مڃائي ورتو. افسوس جو هيءَ قابل اداڪاره ڪينسر وگهي نوجوانيءَ ۾ 1988ع ڌاري لاڏاڻو ڪري وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو